سڪينه سمون

سڪينه سمون

سڪينه سمون

سڪينه سمون: ملڪ جي مشهور اداڪاره سڪينه سمون، سيوهڻ شهر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن شروع کان ئي ڏکن، پيڙائن ۽ محرومين جو شڪار رهي. ننڍيءَ عمر ۾ ڪن سبب جي ڪري سندس والدين سان اختلاف ٿي پيا، جنهن بعد هوءَ پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ جي گهر، حيدرآباد هلي آئي، جتي سندس شادي هڪ غير سنڌيءَ سان ڪرائي وئي، اها شادي گهڻو وقت جٽادار ثابت نه ٿي سگهي ۽ بدقسمتيءَ سان کيس ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي زندگيءَ جو پهريون وڏو ڏک مليو. کيس ان مڙس مان هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. غربت واري ماحول ۾ پلجڻ کانپوءِ کيس زندگيءَ جي ان وڏي ڏک کيس ٽوڙي وڌو.
سڪينه سمون پنهنجي فني سفر جو آغاز 1978ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪيو. 1979ع ڌاري ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي آئي، اهو دؤر سندس ڦوهه جوانيءَ وارو هو. هن اتي پهريون ڀيرو عبدالڪريم بلوچ جي لکيل ڊرامي ’بينسر ادل جي‘ ۾ سحر قريشيءَ سان هڪ فقيرياڻيءَ جو مختصر ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڊرامي کانپوءِ هوءَ بيدل مسرور ۽ هارون رند جي مختلف ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪندي رهي.
سڪينه سمون جو فني عروج 1982ع کان شروع ٿيو. ان سال کيس اهڙا ڪردار مليا، جيڪي هر فنڪار چاهيندو آهي ته سندس قسمت بڻجي. هارون رند جي ڊرامي ’لهندڙ سج جي لام‘ ۾ سڪينه هڪ ڇرڪائيندڙ ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ محمد بخش سميجي جي ڊرامن ’اڌورا خواب‘، ’لمحن جون سرحدون‘ ۽ مني سيريل ’ٻيو شخص‘ ۾ هوءَ تمام وڏي اداڪاره طور سامهون آئي. 1982ع جي هڪ ٽماهي اهڙي به هئي، جنهن ۾ پروڊيوسر محمد بخش سميجي 13 ڊراما پيش ڪيا، جن مان 12 ڊرامن جي هيروئن سڪينه سمون هئي. اهو پي. ٽي. وي تي ڪنهن اداڪاره جو هڪ وڏو رڪارڊ آهي، جيڪو اڄ تائين ڪو به فنڪار ٽوڙي نه سگهيو آهي. انهن ڊرامن ۾ سڪينه منفرد ڪردار ادا ڪيا. سيريل ’سام‘ ۾ هن شفيع محمد شاهه سان گڏ ٽريجڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ ان ڊرامي ۾ هن انتهـائي جذباتـي اداڪاري ڪئي.
1984ع اهو سال آهي جڏهن کان سنڌي ڊراما باقاعدي رنگين ڏيکارڻ شروع ڪيا ويا، جڏهن ته ان کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ رنگين سنڌي ڊراما هليا هئا. ’گفٽ‘ پهريون مڪمل سنڌي رنگين ڊرامو هو، جنهن جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو هو، ان ڊرامي ۾ سڪينه سمون،
شفيع محمد شاهه ۽ منصور بلوچ سان گڏ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ساڳئي سال ’مڙيل رستا‘ ۾ پڻ هن بهترين اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو. اردو ڊرامي ’ديوارين‘ ۾ بهترين اداڪاريءَ سبب کيس ’بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽريس‘ جو پي. ٽي. وي اوارڊ مليو. هن اردو سيريلز ۾ ’ڇوٽي سي دنيا‘ ۽ ’جهنگل‘ ۾ پڻ بهترين اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪيو. سڪينه سمون لاتعداد سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. هڪ سنڌي ڊرامي ’ڪاڪ محل‘ ۾ هن جي ڪردار ڪافي شهرت ماڻي. هن سڄي ڊرامي ۾ بهترين اداڪاري ڪئي. سندس ان ڊرامي کي ڏسندڙ اڄ به ياد ڪن ٿا. هن ٽي. وي جي لڳ ڀڳ سڀني سينٽرن تي ڪم ڪيو. ان کان سواءِ هن اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هن ٻن اردو فلمن ’روبي‘ ۽ ’سياست‘ ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. سڪينه سمون ’سچ‘ ڊرامي جي ڪهاڻي لکي ۽ ان ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. ’ماروي‘ سندس آخري سنڌي سيريل هئي، جنهن بعد هوءَ 1991ع ۾ لنڊن هلي وئي. سڪينه سمون جي ٻي شادي ثاقب نالي هڪ شخص سان ٿي، جيڪو پڻ لنڊن جو رهاڪو آهي. ڪيترن سالن بعد هوءَ ڏيهه موٽي پرائيويٽ پراڊڪشن تحت ڊرامن ۾ ڪم شروع ڪيو آهي.


لفظ سڪينه سمونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو